ٽمڻ جبل

ٽِمَڻ جبل: ڪاڇي جي اولهه ۾ جيڪي جبلن جون قطارون آهن، ٽمڻ جبل به انهن مان هڪ آهي. ڪِن ڪن جبلن مان پاڻي سِمندو يا ٽمندو آهي. ڪنهن جبل مان اڇو کير جهڙو، ته ڪنهن مان وري معدني پاڻي. ٽمندو آهي. جبل مان پاڻي ٽمي، هيٺ ڪُنب ۾ گڏ ٿيندو آهي، جنهن کي ”تمڻ جبل جو ڪنڀ“ چئبو آهي. هيءُ پاڻي نهايت شفاف هوندو آهي. ڪُنب، وڏي ۽ اونهي تلاءَ کي چوندا آهن.


لفظ ٽمڻ جبلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو